پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل پرڏيهه ۾ ميڊيڪل ۽ ڊينٽل جي تعليم حاصل ڪرڻ وارن شاگردن لاءِ نوان سخت شرط ۽ سڌارا متعارف ڪرايا آهن، جنهن تحت پرڏيهي طبي تعليم کان اڳ پي ايم اينڊ ڊي سي جي رجسٽريشن لازمي قرار ڏني وئي آهي. ڊپٽي وزيراعظم اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ ٿيل اهم اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ايم ڊي ڪيٽ پاس ڪرڻ کانسواءِ ڪنهن به شاگرد کي پرڏيهه ۾ طبي تعليم حاصل ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. اجلاس ۾ ميڊيڪل ايجوڪيشن جي معيار کي عالمي ضرورتن مطابق بڻائڻ ۽ شفافيت کي يقيني بڻائڻ تي زور ڏنو ويو. ڪميٽي هدايت ڪئي ته صرف اهي غير ملڪي طبي ادارا داخل هوندا جيڪي PM&DC جي منظور ٿيل لسٽ ۾ شامل آهن ۽ ورلڊ فيڊريشن فار ميڊيڪل ايجوڪيشن (WFME) کان منظور ٿيل آهن. اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته پرڏيهه مان ميڊيڪل ڊگريون حاصل ڪندڙ گريجوئيٽس لاءِ نيشنل رجسٽريشن جو امتحان لازمي هوندو، جڏهن ته ميڊيڪل جي تعليم لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 6200 تدريسي ڪلاڪ ۽ 80 سيڪڙو حاضري کي به لازمي قرار ڏنو ويو آهي. ڪميٽي غير انگريزي نه ڳالهائيندڙ ملڪن ۾ پڙهندڙ شاگردن کي هدايت ڪئي ته اهي پهريان مقامي ٻولي سکن، جڏهن ته شاگردن کي اهو به چيو ويو ته هو ٻاهرين ملڪ وڃڻ کان اڳ پنهنجي رهائش ۽ رابطي جي معلومات فراهم ڪن. اجلاس ۾ ميڊيڪل ۽ ڊينٽل ڪاليجن جي شفاف ۽ ميرٽ جي بنياد تي انسپيڪشن تي زور ڏيندي چيو ويو ته انسپيڪشن جي عمل ۾ ڪنهن به قسم جي غفلت يا لاپرواهي برداشت نه ڪئي ويندي ۽ ان حوالي سان زيرو ٽالرنس جي پاليسي اختيار ڪئي ويندي.
Source link

پرڏيهي طبي تعليم کان اڳ PM ۽ DC رجسٽريشن لازمي آهي
Leave a Comment Leave a Comment

