ڀارتي ٽي ٽوئنٽي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان سوريا ڪمار ياديو کي ڪپتاني تان هٽائڻ ۽ اسڪواڊ مان ٻاهر ڪرڻ واري فيصلي تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي آهي.
ممبئي ۾ ڊوميسٽڪ ميچ جي ٽاس جي موقعي تي ڳالهائيندي هن نئين ڪپتان شرياس ايير لاءِ ڪنهن ناراضگي بدران نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن چيو ته شرياس ٽي 20 ٽيم جي قيادت سنڀالڻ تي خوش آهيان.
Suryakumar Yadav وڌيڪ چيو ته انهن ممبئي ۾ گڏجي ڪرڪيٽ کيڏيو آهي ۽ اها دلچسپ ڳالهه آهي ته هندستان جا آخري ٽي ٽوئنٽي ڪپتان – روهت شرما، پاڻ، ۽ هاڻي شرياس ايير – سڀ هڪ ئي شهر جا آهن.
واضح رهي ته چيف سليڪٽر اجيت اگرڪر پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌايو هو ته ٽي 20 ورلڊ ڪپ کٽڻ باوجود اهو فيصلو سوريا ڪمار ياديو جي فارم ۾ تازي گهٽتائي ۽ مستقبل جي حڪمت عملي کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو آهي.
سندس چوڻ هو ته ايندڙ ورلڊ ڪپ لاءِ مضبوط ٽيم تيار ڪرڻ لاءِ شرياس آئر کي آئرلينڊ ۽ انگلينڊ جي دوري ۽ ايندڙ ايشين گيمز لاءِ ڪپتان مقرر ڪيو ويو آهي.


