اسلام آباد:
ورلڊ بئنڪ 400 ملين ڊالر جي ”پاڪستان ريزرو روينيو“ پروگرام کي هڪ درجو گهٽائي ”معمولي طور تي اطمينان بخش“ ڪري ڇڏيو آهي.
اهو فيصلو ٽيڪس وصولي وڌائڻ ۽ ٽيڪس نظام کي آسان بڻائڻ جي حوالي سان مقرر هدف حاصل ڪرڻ ۾ سست رفتاري سبب ڪيو ويو.
ورلڊ بينڪ جي عملدرآمد رپورٽ موجب پروگرام 2019ع ۾ شروع ڪيو ويو هو جنهن جو مقصد پاڪستان جي ٽيڪس ٽو جي ڊي پي جي تناسب کي 17 سيڪڙو تائين وڌائڻ هو پر جڏهن هدف حاصل نه ٿيا ته نه رڳو اهو هدف گهٽائي 10 سيڪڙو ڪيو ويو پر پروگرام جو مدو به وڌايو ويو.
رپورٽ موجب مالي سال 2025ع جي آخر تائين ايف بي آر آرڪٽڪس ٽو ڊي پي ريشو 9 سيڪڙو مان وڌي 10 سيڪڙو ٿي ويو آهي، جڏهن ته 11.7 ٽريلين روپين جي وصولين باوجود ايف بي آر پنهنجي مقرر هدف 1.2 ٽريلين روپين کان گهٽ رهي.
ورلڊ بئنڪ ٻڌايو ته انڪم ٽيڪس ريٽرن فائلرز جو انگ 4.7 ملين مان وڌي 7 ملين ٿي ويو، پر 16.2 ملين رجسٽرڊ ٽيڪس ڏيندڙن مان صرف 43 سيڪڙو ريٽرن جمع ڪرايا، جيڪي ٽيڪس تعميل جي نظام ۾ ڪمزورين جي نشاندهي ڪن ٿا.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ايف بي آر ٽيڪس خرچن بابت تفصيلي رپورٽ شايع ڪري ڇڏي آهي ۽ ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم کي وڌيڪ شعبن تائين وڌايو پيو وڃي پر ڪسٽم ڪليئرنس، ٽيڪس ادا ڪندڙن جي سهولت ۽ ٻين اهم اشارن تي پيش رفت گهربل هدفن کان پوئتي رهجي وئي آهي.
ورلڊ بئنڪ موجب يونائيٽيڊ ٽيڪس ايڊمنسٽريشن ريگيوليشنز اڃا تائين منظور نه ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ٽيڪس ادا ڪندڙن ۽ واپارين لاءِ سروس معيار موجود نه آهن ۽ ٽيڪس بقايا جي نگراني ۽ رپورٽنگ لاءِ موثر نظام اڃا تائين مڪمل طور قائم ناهي ڪيو ويو.
رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته موبائل ۽ آن لائن ٽيڪس ادائگي جون سهولتون موجود آهن پر گذريل مالي سالن جا واجبات ۽ وصولين جي وصولي جي سهولت اڃا تائين فراهم ناهي ڪئي وئي.
ورلڊ بينڪ جي ٽيم جولاءِ 2026 ۾ پروگرام جو هڪ ٻيو جائزو وٺندي، جاري سڌارن ۽ هدفن جي حاصلات جو تفصيلي جائزو مهيا ڪرڻ لاءِ.


