لاهور:
ايل پي جي مافيا ملڪي تاريخ جي مهانگي ترين ايل پي جي وڪرو ڪري مهانگائي جو شڪار عوام جي کيسي مان 60 کان 70 ارب رپيا هڙپ ڪري ورتي.
ايڪسپريس نيوز موجب ايران-آمريڪا ڇڪتاڻ سبب توانائي بحران جو فائدو وٺي ايل پي جي مافيا پنهنجي من ماني اگهه تي ايل پي جي وڪرو ڪئي پر اڄ به ان کي سرعام وڪرو ڪري رهيا آهن.
پاڪستان ايل پي جي ڊسٽريبيوٽر ايسوسيئيشن جي انگن اکرن موجب پاڪستان ۾ روزانو 6 لک ڪلوگرام کان وڌيڪ ايل پي جي وڪرو ٿيندي آهي، اوگرا جون مهيني لاءِ ان جي قيمت 309 رپيا في ڪلوگرام مقرر ڪئي وئي آهي پر ان قيمت تي ڪٿي به ايل پي جي دستياب ناهي.
ايڪسپريس نيوز سان ڳالهائيندي دڪاندار ڪاشف چيو ته اسان کي پلانٽ مان 550 رپيا في ڪلو ايل پي جي ملي ٿي ته پوءِ 309 رپين ۾ ڪيئن وڪرو ڪري سگهون؟ اسان ايل پي جي مارڪيٽنگ ڪمپنين ۽ پلانٽ مالڪن کان سڀ کان مهانگي ايل پي جي حاصل ڪري رهيا آهيون ته پوءِ سستي ڪيئن ٿا ڏيون، اوگرا سميت ڪنهن به اداري انهن خلاف ڪارروائي ناهي ڪئي، جنهن به ڪارروائي ڪئي رڳو وينڊرز خلاف ڪارروائي ڪئي، انهن تي هزارين ۽ لکين رپيا ڏنڊ وڌو.
دڪاندار جو چوڻ هو ته پلانٽ مالڪ مهانگي اگهه تي ايل پي جي وڪرو ڪري رهيا آهن پر رسيد نه ٿا ڏين، رسيد گهرڻ تي ايل بي جي نه ٿا ڏين ته ڇا ڪجي، ٻارن کي بک نه رکڻ کپي، دڪان ۾ هڪ يا ٻه ملازم آهن، کين فائر ڪرڻ ممڪن ناهي.
پاڪستان ۾ ايل پي جي جو استعمال 60 لک ڪلوگرام کان وڌيڪ آهي، جيڪڏهن ڇهن لکن کي ٽن سؤ رپين سان ضرب ڪيو وڃي ته روزانو هڪ ارب 80 ڪروڙ رپيا، جيڪڏهن هڪ مهيني جو حساب ڪريو ته 54 ارب 80 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ ٿي وڃي ٿو ۽ اهو پئسو عوام جي کيسي مان ڪڍيو پيو وڃي ۽ ڪا به سٺي صورتحال ناهي.
ان حوالي سان اوگرا ترجمان سميت سينيئر ڊائريڪٽر انفورسمينٽ سهيل احمد طارق ۽ سينيئر ڊائريڪٽر سرمد اسلم سان ڪيترائي ڀيرا رابطو ڪيو ويو پر هنن ڪو به جواب نه ڏنو.


