آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ نيٽو سربراهه سان ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي دعويٰ ڪئي آهي ته ايران آمريڪا سان لاڳاپن ۾ وڏيون رعايتون ڪري رهيو آهي ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپا مثبت رخ ۾ جاري آهن.
ٽرمپ چيو ته واشنگٽن وٽ ٻيا آپشن آهن جيڪڏهن ايران معاهدي تي عمل نه ڪيو، جڏهن ته ايران کي منجمد اثاثن مان فنڊز جي رپورٽن کي سختي سان رد ڪيو.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ نيٽو سربراهه سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ايران جيڪو چوي ٿو ان تي عمل ڪري رهيو آهي ۽ ان کي ائين ڪرڻو پوندو.
هن چيو ته ايران سان معاملا بهتري سان هلي رهيا آهن ۽ تهران طرفان اهم رعايتون ڏنيون پيون وڃن.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن ايران عمل نه ڪيو ته آمريڪا هر ضروري ڪم ڪندو. هن چيو ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ صورتحال وڌيڪ واضح ٿي ويندي.
ڊونلڊ ٽرمپ ايران جا منجمد اثاثا جاري ڪرڻ جي خبرن کي رد ڪندي چيو ته آمريڪا ايران کي ڪا به رقم فراهم نه ڪئي آهي ۽ نه ئي اهڙي ڪنهن مالي مدد جي ضرورت آهي.
هن دعويٰ ڪئي ته ايران آبنائے هرمز مان گذرندڙ جهازن تي ٽول يا اضافي مالي بار نه وجهڻ جو يقين ڏياريو آهي، جيڪو عالمي واپار ۽ توانائي جي ترسيل لاءِ هڪ اهم پيش رفت آهي.
آمريڪي صدر اهو به چيو ته ايران کي آمريڪي هارين کان کاڌو خريد ڪرڻ گهرجي ۽ منجمد ايراني اثاثن مان ان جي ادائيگي ٿي سگهي ٿي.
نيٽو ۽ يورپي اتحادين تي تنقيد ڪندي ٽرمپ چيو ته يورپ ايران جي معاملي تي آمريڪا جو ساٿ نه ڏنو.
هن برطانيا، جرمني، فرانس، اسپين ۽ اٽليءَ جو نالو ورتو ۽ چيو ته هو انهن ملڪن جي رويي کان مايوس آهي. سندس چوڻ هو ته نيٽو به ايران بابت تازي صورتحال ۾ آمريڪا جي اميدن تي پورو نه لهي.
يوڪرين جنگ بابت ڳالهائيندي صدر ٽرمپ چيو ته هن تڪرار عالمي دفاعي صنعت تي گهرا اثر ڇڏيا آهن پر آمريڪا اڃا به واضح فائدي سان اڳتي وڌي رهيو آهي.
هن هڪ ڀيرو ٻيهر ان عزم جو اظهار ڪيو ته آمريڪا پنهنجي مفادن جي تحفظ لاءِ سمورا ضروري قدم کڻندو ۽ ايران سان جاري لاڳاپن جا نتيجا جلد سامهون ايندا.


