آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) ايل پي جي جي قيمتن ۾ وڏي گهٽتائي ڪري ڇڏي آهي.
ايڪسپريس نيوز موجب اوگرا ايل پي جي جي قيمت ۾ 67 رپيا 33 رپيا في ڪلو گهٽتائي ڪري ڇڏي آهي، جنهن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.
تازي گهٽتائي کانپوءِ ايل پي جي جي نئين قيمت 241 رپيا 43 پئسا في ڪلو ٿي ويندي جڏهن ته گهريلو ايل پي جي سلينڊر 794 رپيا 5 پيسا سستو ڪيو ويو آهي.
اهڙي طرح 11.8 ڪلوگرام گهريلو ايل پي جي سلينڊر جي قيمت 2848 رپيا 91 پئسا مقرر ڪئي وئي آهي.
تازي گهٽتائي کانپوءِ پهرين جولاءِ کان ڪمرشل سلينڊر جي قيمت ۾ به 3057 رپيا گهٽتائي ڪئي وئي آهي، نوٽيفڪيشن موجب ڪمرشل سلينڊر جي نئين قيمت 10 هزار 960 رپيا مقرر ڪئي وئي آهي.
ايل پي جي جا نوان اگهه اڄ رات 12 وڳي کان ايندڙ هڪ مهيني لاءِ لاڳو ٿيندا.


