ڪراچي: ڪورنگي ڪي ڊي اي سوسائٽي ڀرسان مبينا پوليس مقابلي ۾ هڪ جوابدار مارجي ويو

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read



ڪراچي جي علائقي ڪورنگي ۾ مبينا پوليس مقابلي دوران هڪ جوابدار مارجي ويو. ايڌي اختيارين موجب ڪورنگي جي ڊي اي سوسائٽي ويجهو مبينا پوليس مقابلي دوران هڪ جوابدار مارجي ويو. جوابدار جو لاش جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو. ڪورنگي پوليس ترجمان موجب مبينا مقابلو ڪورنگي انڊسٽريل ايريا جي حد ۾ ٿيو. ڪي ڊي اي پاليا کان مل واري علائقي ۾ موٽرسائيڪل سوار شڪي جوابدارن کي روڪڻ جو اشارو ڪيو ته جوابدارن فائرنگ ڪري ڏني، پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ هڪ جوابدار مارجي ويو، جنهن جي سڃاڻپ اسد ولد شريف الله طور ٿي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار جي فرار ٿيل ساٿي جي ڳولا جاري آهي.



Source link

Share This Article
Leave a Comment