دمشق ۾ فرانسيسي صدر جي متوقع رهائشگاهه ويجهو ڪيترائي ڌماڪا، سيڪيورٽي هاءِ الرٽ

sindhvoice70@gmail.com
3 Min Read


دمشق: شام جي راڄڌاني دمشق ۾ فرانس جي صدر ايمنيوئل ميڪرون جي سرڪاري دوري دوران ٻن ڌماڪن سبب خوف و ہراس ڦهلجي ويو.

شام جي گهرو وزارت موجب ڌماڪن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 18 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن ۾ چار پوليس اهلڪار به شامل آهن.

سرڪاري SANA نيوز ايجنسي موجب، ڌماڪو ان وقت ٿيو جڏهن فرانسيسي صدر ايمنيوئل ميڪرون شام جي صدر احمد الشريع سان ملاقات لاءِ راڄڌاني ۾ هو.

ڌماڪي کانپوءِ شهر جي مختلف علائقن ۾ سڪيورٽي سخت ڪئي وئي جڏهن ته ڪيترن ئي رستن کي بند ڪيو ويو.

اکين ڏٺن شاهدن موجب ڌماڪي کانپوءِ آسمان تي دونهين جا ڪڪر نظر آيا، جڏهن ته هڪ ڪار کي باهه لڳي وئي. شروعاتي اطلاعن موجب ڌماڪا سياحت واري وزارت جي ويجهو ۽ هوٽل جي ڀرسان ٿيا جتي فرانسيسي صدر رهجي ويو هو.

فرانسيسي صدارتي آفيس (ايلسي) چيو آهي ته صدر ميڪرون شام جي صدر سان ملاقات ڪرڻ لاءِ روانو ٿي رهيو هو، پر هن ڌماڪن جو آواز نه ٻڌو ۽ سندس قافلو ڪنهن به خطري ۾ نه هو. آفيسرن موجب دورو معمول موجب جاري رهيو ۽ بعد ۾ ميڪرون صدارتي محل ۾ صدر احمد الشريع سان ملاقات ڪئي.

شام جي گهرو وزارت جو چوڻ آهي ته ڌماڪا فرانسيسي صدر جي رهائشگاهه لاءِ قائم اسپيشل سڪيورٽي زون جي ٻاهران ٿيا، ان ڪري صدارتي رهائشگاهه کي ڪو به نقصان نه پهتو ۽ نه ئي سرڪاري دوري جي پروگرام ۾ ڪا تبديلي آئي.

شروعاتي جاچ موجب ٻئي ڌماڪا دستي بم سان ڪيا ويا. هڪ بم روڊ جي ڪناري تي بيٺل گاڏي ۾ نصب ڪيو ويو هو جڏهن ته ٻيو ڌماڪو ڪچري جي ڪنٽينر ۾ لڪايو ويو هو. شامي اختيارين حملي ۾ ملوث ماڻهن جي سڃاڻپ لاءِ واقعي جي مڪمل جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

سڪيورٽي اهلڪارن موجب ڌماڪو وڏي ٽريفڪ واري علائقي ۾ ٿيو، جڏهن ته ماهرن جو چوڻ آهي ته اڃا تائين اهو واضح ناهي ٿي سگهيو ته حملي جو اصل هدف ڪير هو.

ڪجهه تجزيه نگارن موجب حملي جو مقصد شام ۾ سيڪيورٽي صورتحال بابت سوال اٿارڻ ۽ خوف ۽ غير يقيني صورتحال پيدا ڪرڻ ٿي سگهي ٿو.

اهو واقعو هڪ اهڙي وقت ۾ سامهون آيو آهي جڏهن گذريل هفتي شام ۾ هڪ ڪيفي ۾ بم ڌماڪي ۾ ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا ۽ زخمي ٿي پيا هئا، جنهن کانپوءِ ملڪ ۾ سيڪيورٽي خدشا وڌي ويا آهن.





Source link

Share This Article
Leave a Comment