ايف بي آر ننڍن دڪاندارن لاءِ اسپيشل ٽيڪس طريقيڪار جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.
ايڪسپريس نيوز موجب ايف بي آر طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب انفرادي دڪاندار جيڪي هر سال 20 ڪروڙ رپين تائين جو ڪاروبار ڪن ٿا، اهي اسڪيم مان فائدو حاصل ڪري سگهندا.
ايف بي آر موجب خاص طريقيڪار رڳو ٽيڪس سال 2026 لاءِ لاڳو هوندو، جڏهن ته اسڪيم تحت مجموعي ٽرن اوور تي هڪ سيڪڙو ٽيڪس ادا ڪيو ويندو.
ايف بي آر جي نوٽيفڪيشن موجب ريٽرن سان گڏ گهٽ ۾ گهٽ 25 هزار رپيا نقد ٽيڪس ادا ڪرڻ لازمي قرار ڏنو ويو آهي، جڏهن ته ود هولڊنگ ٽيڪس ادا ڪيل ٽيڪس مان ڪٽيو ويندو ۽ اضافي رقم واپس نه ڪئي ويندي.
ايف بي آر موجب اهل وينڊرز IRIS پورٽل، موبائيل ايپ يا ٽيڪس آفيس ذريعي رجسٽريشن ڪرائي سگهندا، جڏهن ته اسڪيم جو انتخاب ڪندڙ وينڊرز جو عام طور آڊٽ نه ڪيو ويندو.
نوٽيفڪيشن موجب غير معمولي ٽرانزيڪشن يا غلط استعمال جي صورت ۾ ڊپارٽمينٽل ايڪشن ورتو ويندو جڏهن ته اهل وينڊرز کي پي او ايس سسٽم ۽ ڊجيٽل انوائسنگ کان ڇوٽ ڏني ويندي.
ايف بي آر جو چوڻ آهي ته مقرر تاريخ تائين ريٽرن يا اسڪيم جو انتخاب نه ڪرڻ تي 10 هزار کان 50 هزار رپيا ڏنڊ لاڳو ڪيو ويندو، جڏهن ته رجسٽرڊ اهل دڪاندارن کي ايف بي آر طرفان ڪي آر ڪوڊ تي مشتمل ”گرين پليٽ“ جاري ڪئي ويندي.


