ايران آمريڪا ڳالهين ۾ اڳڀرائي ٿي آهي پر ڪيترن ئي اهم نقطن تي اختلاف آهن: ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read



ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر محمد باقر قاليباف چيو آهي ته آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ جاري سفارتي لاڳاپن ۾ ڪجهه معاملن تي اتفاق ٿيو آهي پر ڪيترن ئي اهم نقطن تي اختلاف اڃا به موجود آهن. پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر باقر غالب پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته آمريڪا دٻاءُ، ڌمڪين ۽ ڊيڊ لائين ذريعي پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو، جنهن کانپوءِ هاڻي اڻ سڌي ذريعن ذريعي پيغام موڪلڻ تي مجبور ٿي ويو آهي. هن چيو ته ايران آمريڪا کي پنهنجا مطالبا پورا ڪرڻ جو موقعو ڏيڻ لاءِ عارضي جنگبندي قبول ڪئي، جڏهن ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جنگبندي قبول ڪئي ڇاڪاڻ ته ايران جنگ جي ميدان ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي هئي. ايراني اسپيڪر وڌيڪ چيو ته صدر ٽرمپ پنهنجا بنيادي مقصد حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو، جنهن ۾ ايران ۾ حڪومتي تبديلي ۽ ان جي ميزائل ۽ فوجي صلاحيتن کي تباهه ڪرڻ شامل آهن. هن زور ڏنو ته ايران وينزويلا ناهي.



Source link

Share This Article
Leave a Comment