حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ وڏي واڌ کانپوءِ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ گهٽتائي ڪري ڇڏي آهي.
اوگرا نئين قيمتن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، اوگرا طرفان جاري نوٽيفڪيشن موجب مٽيءَ جي اگهه ۾ 63 رپيا 60 پيسا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي.
نوٽيفڪيشن موجب گاسليٽ جي نئين قيمت 365 رپيا 21 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي، گذريل هفتي به گاسليٽ جي قيمت ۾ 21 رپيا 34 پئسا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي هئي.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر واڌ ڪئي هئي ۽ پيٽروليم جون شيون 26 رپيا 77 پئسا في ليٽر مهانگيون ڪيون هيون.
پيٽروليم ڊويزن طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب حڪومت ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي.
نوٽيفڪيشن موجب هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 26 رپيا 77 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ ڊيزل جي قيمت 380 رپيا 19 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.
اهڙي طرح پيٽرول جي قيمت ۾ به 26 رپيا 77 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي ۽ پيٽرول جي نئين قيمت 393 رپيا 33 پئسا في ليٽر ٿي وئي آهي.
حڪومت طرفان پيٽروليم شين جي نئين قيمتن جو اعلان 25 اپريل کان هڪ هفتي لاءِ ڪيو ويندو.
پيٽروليم واري وفاقي وزير چيو ته علائقائي ڇڪتاڻ سبب عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر اضافو ٿي رهيو آهي، تيل جي اگهن ۾ واڌ جو دٻاءُ ۽ عالمي ڀائيوارن سان معاهدن جي ڪري حڪومت کي تيل جي اگهن ۾ واڌ جو بار منتقل ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻا پوندا.
هن چيو ته ان صورتحال کي نظر ۾ رکندي ايندڙ هفتي لاءِ ڊيزل جي قيمت ۾ 26.77 رپيا ۽ پيٽرول جي قيمت ۾ 26.77 رپيا في ليٽر واڌ ڪئي پئي وڃي.
پيٽروليم واري وزير چيو ته وفاقي حڪومت سميت سمورين صوبائي حڪومتن عوام کي تاريخي رليف پيڪيج ڏنو آهي، دعا آهي ته خطي ۾ امن لاءِ جلد اڳڀرائي ٿئي ۽ عوام کي پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ رليف فراهم ڪيو وڃي.
وفاقي حڪومت پيٽرول تي لاڳو پيٽروليم ڊولپمينٽ ليوي وڌائي ڇڏي آهي، جنهن سبب پيٽرول وڌيڪ مهانگو ٿي ويو آهي، پر هاءِ اسپيڊ ڊيزل تي پيٽروليم ڊولپمينٽ ليوي جي شرح صفر تي رکي وئي آهي.
حڪومت پيٽروليم شين تي پيٽروليم ڊولپمينٽ ليوي وڌائڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.
نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته پيٽرول تي ڊيولپمينٽ ليوي 80.61 رپيا في ليٽر مان وڌائي 107.38 رپيا في ليٽر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل تي پيٽروليم ڊولپمينٽ ليوي جي شرح صفر رکي وئي آهي.
وڌيڪ ٻڌايو ويو ته ايڇ او بي سي تي پيٽروليم ڊولپمينٽ ليوي 305.37 رپيا في ليٽر، گاسليٽ جو تيل 20.36 رپيا، لائيٽ ڊيزل آئل 15.84 رپيا ۽ فرنس آئل 77 رپيا في ليٽر آهي.
اختيارين جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن پيٽرول تي ليوي نه وڌي وڃي ها ته پيٽرول جي اڳئين قيمت برقرار رهي ها.


