حڪومت صوماليا ويجهو قزاقن پاران آئل ٽينڪر تي حملي ۽ يرغمال 11 پاڪستانين جي واپسي لاءِ قدم شروع ڪري ڇڏيا آهن.
سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير جنيد انور چوڌري صوماليا جي سفير کي خط لکي آئل ٽينڪر ۾ يرغمال پاڪستاني عملو جي بازيابي لاءِ مطالبو ڪيو آهي.
هن پنهنجي خط ۾ ”آنر 25“ تي پاڪستاني عملو جي محفوظ واپسي لاءِ مدد جي درخواست ڪئي ۽ عملي جي حفاظت لاءِ گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو.
جنيد انور چيو ته پاڪستان عملي جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهيو آهي.
ٻئي طرف صوماليا جي پرڏيهي وزارت پاڪستان طرفان خط ملڻ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته صورتحال تي مسلسل نظر رکي پئي وڃي، پاڪستاني شهرين ۽ جهاز بابت ڄاڻ قومي سلامتي ادارن کي ڏني وئي آهي.
صومالي اختيارين موجب جهاز ۽ عملو بابت ڪا به نئين پيش رفت جي صورت ۾ پاڪستان کي فوري طور تي پيش ڪيو ويندو.


