شگر ملز ايڪسپورٽ سبسڊي ڪيس، اپيل 7 مئي تي ٻڌڻي لاءِ مقرر

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read



شگر ملز پاران ايڪسپورٽ سبسڊي وصول ڪرڻ بابت اپيل 7 مئي تي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي، ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس عامر فاروق جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ جوڙي وئي آهي. ان کان اڳ سنڌ هاءِ ڪورٽ سبسڊي واري معاملي کي پاليسي جو معاملو قرار ڏيندي درخواستون رد ڪري ڇڏيون. عدالت پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو هو ته سبسڊي بنيادي حق ناهي جنهن کي جاري ڪرڻ جو حڪم ڏئي سگهجي. اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) شگر ملن کي ايڪسپورٽ سبسڊي ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. شگر ملن سبسڊي ڏيڻ لاءِ آئيني عدالت سان رجوع ڪري ورتو، جڏهن ته 15 شگر ملن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي چئلينج ڪري ڇڏيو آهي.



Source link

Share This Article
Leave a Comment