پاڪستان مئي لاءِ ايل اين جي اسپاٽ خريداري جا ٽينڊر جاري ڪري ڇڏيا آهن.
پيٽروليم ڊويزن جي ذريعن موجب پاڪستان ايل اين جي لميٽيڊ 2 ايل اين جي ڪارگوز لاءِ عالمي ڪمپنين کان بڊز طلب ڪري ورتا آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته عالمي ڪمپنيون 7 مئي تائين بوليون جمع ڪرائي سگهنديون، جن کي 7 مئي تي کوليو ويندو.مئي لاءِ پهرين ايل اين جي ڪارگو جي ترسيل 12 کان 14 مئي تائين شيڊول ڪئي وئي آهي.
پيٽروليم ڊويزن جي ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻي ايل اين جي ڪارگو جي فراهمي 24 کان 26 مئي تائين هوندي.


