گهرو وزير جي پنهنجي بنگلاديشي هم منصب سان ملاقات، واپار ۽ ثقافت جي شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read



گهرو ۽ نارڪوٽڪس ڪنٽرول واري وفاقي وزير محسن نقوي بنگلاديش جي پرڏيهي وزير شمع عبيد اسلام سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻه طرفن لاڳاپن، خطي جي صورتحال ۽ پاڪستان جي مفاهمتي ڪردار تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. بنگلاديش جي پرڏيهي معاملن واري وزير ايران آمريڪا تڪرار جي حل ۾ پاڪستان جي مفاهمتي ڪردار کي ساراهيو. ٻنهي وچ ۾ واپار، ڪاروبار ۽ ثقافت جي شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ ۽ واپاري ۽ ثقافتي لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ملاقات ۾ بنگلاديش جي پرڏيهي وزير جي پاڪستان جي دوري بابت به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. محسن نقوي چيو ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن. ان موقعي تي بنگلاديش جي پرڏيهي وزارت جو سيڪريٽري محمد نذر اسلام، ڊائريڪٽر جنرل ڏکڻ ايشيا عشرت جهان، ڊائريڪٽر شميمه ياسمين، پاڪستاني هاءِ ڪمشنر عمران حيدر پڻ موجود هئا.



Source link

Share This Article
Leave a Comment