چين ۽ آمريڪا آبنائے هرمز مان گذرندڙ جهازن جي قبضي جي مخالفت ڪئي

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


آمريڪا ۽ چين ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو آهي ته آبنائے هرمز مان گذرندڙ تجارتي ۽ مال بردار جهازن تي ڪو به اضافي ٽيڪس يا فيس نه لڳايو وڃي.

ميڊيا رپورٽن موجب اهو موقف اهڙي وقت سامهون آيو آهي جڏهن ايران طرفان آبنائے هرمز ۾ ڪنٽرول يا مالي پابندين جو خطرو وڌي رهيو آهي.

آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو چيو آهي ته آبنائي هرمز کي محفوظ بڻائڻ عالمي واپار لاءِ ضروري آهي، جڏهن ته چين ان ڳالهه تي زور ڏنو ته عالمي سامونڊي رستن کي بلاڪ ڪرڻ عالمي معيشت لاءِ نقصانڪار آهي.

رپورٽن موجب چين، جيڪو وچ اوڀر کان تيل خريد ڪري ٿو، اهو نٿو چاهي ته آبنائے هرمز ۾ توانائي جي فراهمي ۾ ڪنهن به قسم جي اضافي قيمت يا خلل پوي.

آمريڪا پڻ خبردار ڪيو آهي ته هن اهم شپنگ لين ۾ واپاري سرگرمين ۾ خلل عالمي مارڪيٽن تي منفي اثر پوندو.





Source link

Share This Article
Leave a Comment