توانائي جي شعبي ۾ وڏي پيش رفت ڪندي پاڪستان تيل ۽ گئس جي ڳولا جا 8 بلاڪ حاصل ڪيا

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


او جي ڊي سي 2025ع ۾ آف شور بڊ ۾ 8 تيل ۽ گئس جي ڳولا جا بلاڪ حاصل ڪيا. او جي ڊي سي جي ترجمان موجب پاڪستان ۾ لڳ ڀڳ ٻن ڏهاڪن کانپوءِ آف شور ايڪسپلوريشن باضابطه طور تي شروع ٿي وئي آهي.

پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ ان قدم کي توانائي جي شعبي ۾ اهم پيش رفت قرار ڏنو آهي.

او جي ڊي سي جي ترجمان موجب او جي ڊي سي ٻن بلاڪن ۾ آپريٽر ۽ ڇهن بلاڪن ۾ جوائنٽ وينچر پارٽنر هوندو. اهو اقدام سيڙپڪاري ۽ توانائي جي حفاظت کي فروغ ڏيندو.

ترجمان وڌيڪ چيو ته آف شور بڊ رائونڊ 2025 ملڪ جي توانائي جي شعبي ۾ نئين دور جي شروعات آهي.

پاڪستان پيٽروليم لميٽيڊ ۽ پيٽروليم واري وفاقي وزير سان ٿيل معاهدي جا تفصيل خميس ڏينهن پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي انتظاميا کي موڪليا ويا آهن.

ياد رهي ته پاڪستان جي سنڌو ۽ مڪران سمنڊ ۾ تيل ۽ گئس جا وڏا ذخيرا موجود آهن. معاهدي تحت سنڌ ۽ بلوچستان جي ساحلي علائقن مان تيل ۽ گئس جا نوان ذخيرا ڳوليا ويندا.

ڳاڙھو، ڪوچي ڪريڪ، ڪيٽي بندر، بن قاسم ڏکڻ، بهر، ضرار، آف شور ڊيپ ڊي ۽ سپت بندر ۾ ذخيرا دريافت ڪيا ويندا. معاهدي تحت پاڪستان پيٽروليم لميٽيڊ گهارو ڪريڪ ۽ ڪوچي ڪريڪ ۾ پنهنجو ڪم ڪندي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment