ڪراچي:
شهر قائد جي مختلف علائقن ۾ پوليس ۽ اسپيشل انويسٽيگيشن يونٽ (ايس آءِ يو) سان مبينه مقابلن ۾ هڪ ڌاڙيل مارجي ويو، جڏهن ته 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
پوليس موجب عوامي ڪالوني ٿاڻي جي حد ۾ تاج گبول ڳوٺ ۾ مبينا پوليس مقابلي دوران هڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو.
جوابدار کي فوري طور تي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي سندس سڃاڻپ سمير طور ٿي. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار جي قبضي مان هٿيار پڻ هٿ ڪيا ويا، پر هو علاج دوران زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو.
ٻئي طرف نارٿ ڪراچي جي علائقي ۾ شهرين ڦر جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.
پوليس موجب ٻنهي جوابدارن سيڪٽر 8 ۾ موٽرسائيڪل سوار سان زيادتي جي ڪوشش ڪئي ته اتي موجود ماڻهن کين پڪڙي تشدد بعد پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.
سر سيد پوليس ٻن زخمي جوابدارن کي حراست ۾ وٺي سندن قبضي مان هڪ پستول ۽ موٽرسائيڪل هٿ ڪري ورتي.
گرفتار ٿيلن جي سڃاڻپ فياض ۽ خالد طور ٿي آهي.
هوڏانهن اسپيشل انويسٽيگيشن يونٽ (ايس آءِ يو) سرسيد واري علائقي ۾ هڪ ٻي ڪارروائي دوران مبينا مقابلي بعد عبدالقادر عرف رابش نالي هڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو. جوابدار کي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو.
ايس آءِ يو اختيارين موجب ڪارروائي انتهائي گهربل ڀتا خور صمد ڪاٺياوڙي جي مبينا اهم شوٽر جي موجودگي جي اطلاع تي ڪئي وئي.
گرفتار جوابدارن جي قبضي مان هٿيار، موبائل فون، نقدي ۽ ٻيو سامان پڻ هٿ ڪيو ويو آهي.


