پشاور:
موسميات کاتي خيبرپختونخواهه ۾ موسم جي صورتحال بابت اڳڪٿي جاري ڪري ڇڏي آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته سومر تي صوبي جي اڪثر ضلعن ۾ موسم خشڪ ۽ گرم رهڻ جو امڪان آهي. صوبي جي مٿانهين ضلعن ۾ موسم خشڪ رهندو، جڏهن ته ڪوهستان، سوات، مالم جبه، ڪالام ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي.
اڄ پشاور ۾ وڌ ۾ وڌ گرمي پد 39 ڊگري سينٽي گريڊ رهڻ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي موجب مالم جبه ۾ گرمي پد 26 ڊگري سينٽي گريڊ، سيدو شريف ۾ 37، دير ۾ 31 ۽ چترال ۾ 30 ڊگري سينٽي گريڊ رهڻ جو امڪان آهي.


