ڪراچي: 6 ورهين جي ٻارڙي کي بدفعلي بعد قتل ڪندڙ جوابدار کي 5 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو ويو.

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


جڊيشل مئجسٽريٽ ڏکڻ لي مارڪيٽ ۾ 6 ورهين جي ٻارڙي کي زيادتي بعد قتل ڪرڻ واري ڪيس ۾ جوابدار کي 5 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.

جڊيشل مئجسٽريٽ ڏکڻ جي عدالت ۾ لي مارڪيٽ ۾ 6 ورهين جي ٻارڙي کي زيادتي بعد قتل ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

پوليس گرفتار جوابدار حمزا کي عدالت ۾ پيش ڪيو. جاچ آفيسر ٻڌايو ته جوابدار حمزه ٻارڙي جو پاڙيسري آهي. ٻارڙو سومر جي شام غائب ٿي ويو.

جوابدار ٻارڙي جو لاش ٿلهي ۾ وجهي اڇلائي ڇڏيو. عدالت جوابدار کي 5 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي پيش رفت رپورٽ طلب ڪري ورتي. پوليس موجب نيپيئر ٿاڻي ۾ جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment