گڏيل قومن فلسطيني قيدين سان جنسي زيادتين تي اسرائيل کي بليڪ لسٽ ڪري ڇڏيو

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


گڏيل قومن صهيونسٽ رياست اسرائيل کي بليڪ لسٽ ۾ شامل ڪري ڇڏيو آهي.

اسرائيلي ميڊيا جي رپورٽن موجب گڏيل قومن اسرائيل کي تڪراري علائقن ۾ جنسي تشدد ڪرڻ تي بليڪ لسٽ ڪري ڇڏيو آهي.

اسرائيلي جيل سروس ‘IPS’ کي هن سال جي بليڪ لسٽ ۾ شامل ڪيو پيو وڃي. رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته لسٽ ۾ شامل ڪرڻ لاءِ ٻين اسرائيلي ايجنسين جي به نگراني ڪئي پئي وڃي.

اسرائيل جواب ڏيندي چيو ته لسٽ ۾ دهشتگرد تنظيمون جهڙوڪ حماس، داعش ۽ سوڊان ۽ ڪانگو ڪنشاسا شامل آهن.

ياد رهي ته گذريل سال مارچ ۾ گڏيل قومن جي هڪ ڪميشن پنهنجي رپورٽ ۾ ڄاڻايو هو ته اسرائيلي جيلن ۾ فلسطينين تي جنسي ۽ جنسي تشدد جو نشانو بڻايو پيو وڃي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment