ايراني فٽبالر مهدي ترابي جي آمريڪي ويزا پهرين ميچ کانپوءِ ختم ٿي وئي، جنهن کانپوءِ ايندڙ ميچن ۾ به سندس شرڪت غير يقيني بڻجي وئي.
تفصيل موجب مهدي ترابي کي ٻين ايراني رانديگرن وانگر ڪيترائي ڀيرا آمريڪا ۾ داخل ٿيڻ بدران سنگل انٽري ويزا جاري ڪيو ويو.
نيوزيلينڊ خلاف ايران جي پهرين ميچ سومر تي 2-2 تان برابر ٿي وئي هئي، جنهن کانپوءِ ايراني ٽيم لاس اينجلس ڇڏي ميڪسيڪو ۾ پنهنجي بيس ڪيمپ ڏانهن واپس اچي وئي هئي.
رپورٽ موجب نيوزيلينڊ جي ميچ ۽ پڄاڻيءَ لاءِ لاس اينجلس وڃڻ کانپوءِ مهدي ترابي جي ويزا هاڻي ختم ٿي وئي آهي.
ايران فٽبال فيڊريشن کيس نئين ويزا حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون آهن.


