مظفرآباد:
ايڊووڪيٽ راجا امجد علي خان جيڪو پابندي مڙهيل جوائنٽ پبلڪ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻ ۽ ميمبر طور سرگرم رهيو، هڪ اهم وڊيو پيغام ۾ تنظيم ۽ سمورن شرپسند عنصرن کان مڪمل لاتعلقي جو اعلان ڪندي ڪجهه حقيقتون قوم جي سامهون رکيون.
پنهنجي هڪ بيان ۾ راجا علي خان چيو ته سندس ۽ سندس ساٿين جي پرامن تحريڪ کي پاڪستان ۽ ڪشمير جي لاڳاپن کي خراب ڪرڻ لاءِ غلط استعمال ڪيو ويو.
هن افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته ان دور ۾ سادا ماڻهو ۽ نوجوان گرفتاريون ۽ جيلن ۾ ڀوڳي رهيا آهن جڏهن ته اصل سازش ڪندڙ پردي پٺيان محفوظ رهيا.
راجا امجد علي خان خاص طور تي نوجوان نسل کي اپيل ڪئي ته هو پنهنجي روشن مستقبل کي تخريبي سرگرمين لاءِ قربان نه ڪن.
هن چيو ته اٽي جي کوٽ، بجلي جي بحران ۽ بيروزگاري سميت عوام کي درپيش اصل مسئلن جو حل رڳو تعميري ۽ مثبت سياسي جدوجهد ۾ آهي نه ته احتجاجي تحريڪن ۾ جنهن سان نوجوانن جو مستقبل داءُ تي لڳل هجي.
هن واضح لفظن ۾ چيو ته اڄ کان پوءِ جوائنٽ پبلڪ ايڪشن ڪميٽي يا ڪنهن به قومپرست پارٽي يا فرد طرفان پاڪستان خلاف آواز اٿارڻ سان هن جو ڪو به واسطو نه هوندو.
تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته راجا امجد علي خان جو اهو اعلان خطي جي سياسي صورتحال تي گهرا اثر وجهي سگهي ٿو، خاص ڪري اهڙي وقت ۾ جڏهن گڏيل عوامي ايڪشن ڪميٽي مختلف عوامي مسئلن تي سرگرم ٿي چڪي آهي. سندس فيصلي کي تحريڪ انصاف اندر اختلافن جو مظهر به قرار ڏنو پيو وڃي.
مبصرن سندس ان عمل کي ذميوار ۽ دانشمندي وارو قدم قرار ڏنو آهي، جيڪو علائقي جي مستقبل ۽ نوجوان نسل جي ڀلائي کي نظر ۾ رکندي هڪ ذاتي ۽ شعوري فيصلو ڪيو ويو آهي.
پنهنجي خطاب جي آخر ۾ راجا امجد علي خان آزاد ڪشمير جي نوجوانن کي هڪ اهم پيغام ڏنو ته هو جوائنٽ پبلڪ ايڪشن ڪميٽيءَ جي گمراهه نه ڪن ۽ حڪومت ۽ سپريم ڪورٽ جي هدايتن تي چونڊ عمل جو حصو بڻجن.
هن واضح ڪيو ته نوجوان نسل انتشار ۽ دشمن عنصرن جي بدصورت راند ۾ نه پر سياسي ۽ آئيني ذريعي پنهنجي مستقبل کي محفوظ بڻائي.


