ايران آبنائے هرمز مان گذرڻ لاءِ IRGC نيوي سان ڪوآرڊينيشن ضروري بڻائي ڇڏيو آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب ايران جي پاسداران انقلاب جو چوڻ آهي ته ايران سان رابطي کانسواءِ آبنائي هرمز تائين ڪنهن به نئين سامونڊي رستي جو اعلان ناقابل قبول ۽ انتهائي خطرناڪ آهي.
انقلابي گارڊز جو چوڻ آهي ته آبنائے هرمز مان محفوظ گذرڻ صرف مخصوص رستن ذريعي ممڪن آهي، جيڪي ايران رسمي طور تي مقرر ڪيا آهن.
ايران جي گارڊز وارن خبردار ڪيو آهي ته آبنائے هرمز مان گذرڻ لاءِ IRGC جي نيوي سان ڪوآرڊينيشن لازمي آهي، ۽ ان هدايت جي ڀڃڪڙي ڪندڙ جهازن کي ڪارروائي کي منهن ڏيڻو پوندو.


