چيئرمين پي سي بي محسن نقوي پي ايس ايل 11 جي سمورن ٽيمن، فرنچائز مالڪن ۽ انتظاميا جي اعزاز ۾ خصوصي تقريب منعقد ڪئي.
تفصيل موجب تقريب ۾ ملڪي ۽ غير ملڪي رانديگرن ۽ ميچ آفيشلز به شرڪت ڪئي، چيئرمين پي سي بي محسن نقوي سمورن ٽيمن، فرنچائز مالڪن ۽ انتظاميا کي ڀليڪار چيو.
محسن نقوي رانديگرن ۽ فرنچائز مالڪن سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه پڻ ڪئي.
ان موقعي تي سمورن اسٽيڪ هولڊرز پي ايس ايل کي ڪامياب بڻائڻ جي عزم کي ورجايو.
چيئرمين پي سي بي محسن نقوي انفرادي طور تي آيل مهمانن جو شڪريو ادا ڪيو ۽ سموري ٽيم جي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
محسن نقوي چيو ته پي ايس ايل 11 جا اصل هيرو رانديگر آهن. پاڪستان اچڻ ۽ کيڏڻ تي سمورن پرڏيهي رانديگرن جا ٿورائتا آهيون، توهان اسان جا خاص مهمان آهيو.
ملڪي ۽ غير ملڪي رانديگرن شاندار ايونٽ منعقد ڪرائڻ تي چيئرمين پي سي بي جا ٿورا مڃيا.
تقريب ۾ سنڌ جي وزيرن ۽ آفيسرن، ڊي جي ايف آءِ اي، چيف آپريٽنگ آفيسر پي سي بي، چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر سلمان نصير، وسيم اڪرم، انضمام الحق، مصباح الحق، سرفراز احمد ۽ ٻين شخصيتن پڻ شرڪت ڪئي.


